سکر(بيورو رپورٽ) شھيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سکر جي صحافين ڪالھه پنجين ڏينھن به پريس ڪلب آڏو علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، جنھن ۾ روھڙي ۽ صالح پٽ جي صحافين، جميعت علماءِ اسلام سکر ضلعي جي جنرل سيڪريٽري مولانا محمد صالح انڍھڙ، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عبدالعزيز ابڙو ۽ ٻين يڪجھتي طور شرڪت ڪئي، علامتي بک ھڙتال بعد پريس ڪلب کان شھيد جان محمد مھر جي شھادت واري ھنڌ تائين احتجاجي مارچ ڪري قاتلن جي گرفتاري لاءِ زوردار نعريبازي ڪئي وئي. اِن موقعي تي صحافين توڙي سڄاڻ ڌرين خطاب ڪندي چيو تہ شھيد جان محمد مھر جي قتل کي 35 ڏينھن مڪمل ٿي ويا آھن پر پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام آھي، سنڌ جي بھادر، ارڏي، دلير ۽ مظلومن جي سگھاري آواز شھيد جان محمد مھر جي ھاءِ پروفائيل ڪيس ۾ حڪومت وقت ۽ پوليس جي عدم دلچسپيءَ آھي ته عام عوام کي ڪيئن انصاف ملندو ھوندو؟. ھنن نگران سنڌ جي وڏي وزير، گھرو وزير، آءِ جي سنڌ توڙي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آھي ته قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. جڏھن ته قاتلن پٺيان ڳجھن ھٿن کي وائکو ڪري قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. ٻئي طرف ايس ايس پي سکر عرفان سمون دعوي ڪندي چيو آھي ته ڪچي کان شھر طرف ايندڙ ويندڙ سمورن رستن، ٻيڙين جي آمدرفت کي مڪمل طور تي بند ڪيو ويو آھي، ڪچي جي سمورن رستن کي ھموار ڪيو ويو آھي ته جئين آپريشن ۾ ڪنھن به قسم جي رڪاوٽ نه ٿئي، اِن کان علاوا ڪچي وارن علائقن جي چوڌاري بندن تي چوڪيون قائم ڪري ڪچي وارن علائقن کي مڪمل طور تي گھيري ۾ ورتو ويو آھي. ڪچي جي اھم ھنڌن ۽ آمدرفت وارن رستن تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آھي. جڏھن ته شھيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن کان مدد حاصل ڪئي پئي وڃي اميد آھي ته جلد قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پھچايو ويندو. ايس ايس پي سکر عرفان سمون دعوي ڪئي آھي ته ڪچي طرف آمدرفت وارا رستا بند ڪرڻ دوران شھيد جان محمد مھر قتل ڪيس ۾ اھم پيش رفت ٿي آھي جنھن ۾ چئن شڪي ماڻھن کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا وارو عمل شروع ڪيو ويو آھي.