سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي نئون ڳوٺ واسين سيپڪو انتظاميا جي مبينا زيادتين، ناجائز ايف آءِ آرز داخل ڪرائڻ، بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بلز خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي حاجي محمد شريف بنڌاڻي، تاج محمد، عامر بنڌاڻي، صابر ڪپتان، سيد رشيد شاهه ۽ ٻين چيو ته نئون ڳوٺ جا رهواسي ڪيترن ئي مهينن کان سخت مشڪلاتن جو شڪار آهن، بجلي جي بند هجڻ، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ، اوور بلنگ عام آهي، هنن چيو ته نئون ڳوٺ جا 50 سيڪڙو کان وڌيڪ رهواسي باقاعدگي سان بجلي جا بل ادا ڪن ٿا، پر ان باوجود سيپڪو جون زيادتيون جاري آهن، هنن چيو ته 24 ڪلاڪن مان صرف چار ڪلاڪ بجلي ايندي آهي، جنهن ڪري ڪاروبار پڻ ٺپ ٿي ويو آهي، هنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نئون ڳوٺ جي رهواسين سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس وٺي انصاف ڏنو وڃي.