سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ مير معصوم شاهه لائبريري ۾ بجلي ۽ پاڻي جي سهولت نه هجڻ ۽ فرنيچر جي کوٽ خلاف نوجوانن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي نويد احمد، علي رضا، جهانزيب ۽ ٻين چيو ته معصوم شاهه لائبريري توڙي آرٽس ڪائونسل ۾ قائم مولائي شيدائي لائبريري ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو وڏو آزار آهي، شديد گرمي ۾ بجلي بند هجڻ ڪري پڙهائي وارو عمل سخت متاثر ٿي رهيو آهي، بجلي جي بندش دوران متبادل لائبريريز جو به بندوبست ناهي، سکر ۾ گرمي پد 50 سينٽي گريڊ هجي ٿو، بجلي جي مسئلي سان گڏ ٿڌي پاڻي جي به لائبريري ۾ سهولت ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.