سکر (بيورو رپورٽ) سپلا پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ليوڪس پارڪ کان ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سکر، خيرپور، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، شڪارپور، نوشهروفيروز، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ضلعن جي استادن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي منور عباس، ملھار سنڌي، مشتاق ڦلپوٽو، غفران الله بلوچ، سانول گھوٽو، عبدالسلام سومرو، عديل لياقت، لعل بخش سوهو ۽ ٻين چيو ته ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن پنهنجي عروج تي آهي، جتي هر ننڍي وڏي ڪم لاءِ رشوت وٺڻ معمول بڻيل آهي، استادن جي جائز مسئلن کي ٻڌڻ لاءِ ڪنهن وٽ وقت ناهي، جڏهن ته ترقي ۾ دير سبب استادن ۾ بيچيني وڌي وئي آهي، جنهن جو اعتراف خود تعليم واري وزير به اسيمبلي ۾ ڪيو آهي، هنن 17 اپريل تي حيدرآباد ۽ 22 اپريل تي سي ايم هائوس ڪراچي آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته وفاق کان سنڌو تي نوان ڪئنال اڏڻ وارو منصوبو فوري واپس وٺڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو.