ڪراچي: سکر ۾ سي ٽي ڊي ڪامپليڪس ٺاهڻ لاءِ 60 ڪروڙ ڪاٿو لڳائي بجيٽ 25 ڪروڙ مختص ڪيا ويا. حب چيڪ پوسٽ جي ٻيهر تعمير لاءِ 21 ڪروڙ 40 لکن جو ڪاٿو لڳايو ويو ۽ 3 ڪروڙ مختص ڪيا ويا. آر آر ايف نيول بيس ۾ مختلف عمارتون ٺاهڻ، 10 بيچلر بيريڪس ٺاهڻ، 3 گارڊ روم، ڪوارٽر آف گارڊ، ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم، ميس هال، 6 آفيس روم، پاڻي جون ٽانڪيون، 15 واش روم ٺاهڻ لاءِ 15 ڪروڙ 10 لک ڪاٿو لڳايو ويو ۽ 3 ڪروڙ مختص ڪيا ويا.