سکر(بيورو رپورٽ) سيپڪو سکر طرفان بجلي چورن ۽ رھتو ادا نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي وارو سلسلو جاري، 23 ڏينهن ۾ هڪ ارب 62 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ رقم سيپڪو سکر وصول ڪري ورتي. هڪ لک 3 هزار کان وڌيڪ ڪنڊا ڪنيڪشن به ڪاٽڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. سيپڪو ترجمان طفيل سومرو مطابق حڪومت پاڪستان جي ھدايتن تي بجلي سيپڪو جي سمورن آپريشن سرڪلز ۾ بجلي چورن ۽ رھتون ادا نه ڪندڙن خلاف ڪارواين وارو سلسلو جاري آھي، سيپڪو بجلي چورن ۽ رھتو ادا نه ڪندڙن کان هڪ ارب 62 ڪروڙ 27 لک رپيا وصول ڪري ورتا آهن. جڏهن ته سکر ۾ لاڙڪاڻو دويزن جي 10 ضلعن مان هڪ لک 3 هزار 253 ڪنڊا ڪنيڪشن لاٿا ويا آهن. هن وقت تائين 627 ايف آئي آرز داخل ڪيون ويون آهن. تازو ئي مختلف ڪارواين ۾ 89 بجلي چورن کي گرفتار ڪري وڌيڪ 116 ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پوليس کي لکيو ويو آهي. سيپڪو طرفان 2016 بجلي چورن مٿان 6 ڪروڙ 29 لک 68 هزار 330 رپيا ڏنڊ لڳايو ويو ويو آهي، جن مان 3 ڪروڙ 20 لک 8 هزار 633 رپيا وصولي ڪئي وئي آهي. 10 ئي ضلعن مان 1342 ٽرانسفارمرز جو ڪنيڪشن ڪاٽيو ويو آهي، جڏهن ته 383 ٽرانسفارمر لاٿا ويا آهن.