سکر(بيورو رپورٽ) سورٺ چيمپئن ليگ سيزن ٽو جو ٽائيٽل سورٺ ڊولفن پنهنجي نالي ڪري ورتو. وَنر ٽيم کي هڪه لک، ۽ رنر ٽيم کي هڪ لک ۽  ٽرافي ڏني وئي. سکر ميونسپل اسٽيڊيم ۾ سورٺ چئمپين ليگ سيزن ٽو منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مجموعي طور تي 12 ٽيمن حصو ورتو، جن وچ ۾ 33 ميچون کيڏيون ويون. ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ سورٺ ليجنڊس پهريان کيڏندي مقرر 14 اوورز ۾ 86 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. جواب ۾ سوٺ ڊولفنس جي ٽيم ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 8 اوورز ۾ ٽارگيٽ مڪمل ڪري ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. فائنل تقريب جو مهمان خاص ترجمان سنڌ حڪومت ۽ ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ هيو، جڏهن ته خاص مهمان طور چيئمر آف ڪامرس جي صدر خالد ڪاڪيزئي، ٽورنامينٽ آرگنائيزر فيصل گيگاني، وائيس چيئرمين فهيم ميمڻ، سينيئر ڪميٽي ميمبر عبدالصمد صالح ۽ ٻيا شامل هئا. وِنر ٽيم کي ٻه لک روپيا نقد، وِنر ٽرافي، ميڊلز ڏنا، جڏهن ته رنر ٽيم کي هڪ لک روپيا نقد، ٽرافي ڏني وئي. ٽورنمينٽ ۾ مين آف سيريز ۽ مين آف دي ميچ رهندڙ طلال امين کي موٽر سائيڪل انعام ۽ ڪيش انعام ڏنو ويو. جڏهن ته سيريز ۽ فائنل ميچ ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ عبدالله بيسٽ ٽورنامينٽ به نقد انعام سان نوازيو ويو.