سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۾ گيس لوڊشيڊنگ ۽ پريشر گهٽ اچڻ وارين شڪايتن تي سوئي سدرن گيس انتظاميا پاران ريجنل آفيس ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي، کلي ڪچهري صافين شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيو، مبينا طور کليل ڪچھريءَ ۾ نامناسب رويي خلاف صارفين گئس انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري زوردار نعريبازي ڪئي. مظاھري جي اڳواڻي ڪندڙ ظھير ڀٽي الزام مڙھيندي چيو ته کليل ڪچهري ۾ صرف هڪ آفيسر ويٺو آهي، جيڪو به صارفين کي صحيح نموني ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن مسئلا ناهن ٻڌڻا ته کليل ڪچهري جو ڊرامو ڇو رچايو ويو آهي، ھڪ ته گئس اچي نٿو مٿان وري ڳرا بل اماڻيا پيا وڃن، جنھن ڪري پورهيت، پگهار دار طبقي لاءِ بل ڀرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. ٻن ويلن جي ماني کائو، ٻيون ضرورتون پوريون ڪريون يا صرف گئس جو بل ادا ڪريون. ھنن مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت گئس جي اگھن کي گهٽتائي ڪري آفيسرن جو رويو بهتر ڪري.