سکر(بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ تحريڪ پاران ميرپور ماٿيلو مان جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري سهيل ڪلوڙ کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنھن ۾ سهيل ڪلوڙ جي وارثن ۽ ٻارڙن به شرڪت ڪئي. جيئي سنڌ تحريڪ جي سيڪريٽري قيوم ابڙو، ضلعي اڳواڻ لالا وحيد پٺاڻ، غلام علي چاچڙ ۽ ٻين چيو ته جيئي سنڌ تحريڪ مرڪز جي سنڌو جي پاڻي تي ڪئنال اڏڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف مسلسل احتجاجي تحريڪ جاري آهي. سهيل ڪلوڙ جو ڏوهه اهو آهي ته هو قومي ڪارڪن آهي ۽ سنڌو درياءَ مان غير قانوني طور تي ڪئنال ڪڍڻ، ڪورپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زرعي زمينن جي ليز ۽ سنڌ جي مجموعي قومي اثاثن جي قبضي جي خلاف متحرڪ آهي، جنهن ڪري سهيل ڪلوڙ کي پهرين مارچ تي کنڀي گم ڪيو ويو آھي، مظاھرين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سهيل ڪلوڙ کي بحفاظت بازياب ڪرايو وڃي.