سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي گورنمينٽ آغا نظام الدين گرلز ڊگري ڪاليج ۾ 6 هين سنڌ انٽر ڪاليجز گيمز جو افتتاح پرنسپال ميڊم فريده ناز ۽ ٻين طرفان ڪيو ويو، پهرين ڏينهن گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج سکر، گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج روهڙي، گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج پنوعاقل، گورنمينٽ فزيڪل ڪاليج سکر ۽ گورنمينٽ آغا نظام الدين گرلز ڊگري ڪاليج سکر جي شاگردياڻين وچ ۾ بيڊمنٽن ۽ ٿروبال راندين جا مقابلا ٿيا، راندين جي دلچسپ مقابلن دوران بيڊمنٽن ۾ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج سکر جي ٽيم پهرين، گورنمينٽ فزيڪل ڪاليج سکر جي ٽيم ٻئين ۽ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج روهڙي جي ٽيم ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته ٿروبال راند جي ٿيل مقابلن ۾ بهتر صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي گورنمينٽ فزيڪل ڪاليج سکر جي ٽيم پهرين، گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج سکر جي ٽيم ٻئين ۽ روهڙي گرلز ڊگري ڪاليج جي ٽيم ٽئين پوزيشن ماڻي ورتي، ان موقعي تي پرنسپال ميڊم فريده ناز، سينيئر ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن مسز شبانه سومرو، اسپورٽس فوڪل پرسن مس پرهه، ميڊم ناديه، ميڊم نرملا سوڀ ماڻيندڙ ٽيمن جي رانديگرياڻين جي حوصلا افزائي ڪندي کين ٽرافيون انعام طور ڏنيون، تقريب دوران گورنمينٽ آغا نظام الدين گرلز ڪاليج سکر طرفان مختلف گرلز ڪاليجن جي اسپورٽس فوڪل پرسنز کي ڀليڪار ڪندي کين اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا، واضع رهي ته سنڌ پنڪ گيمز اسپورٽس ۽ يوٿ افيئرز ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان 6 هين سنڌ انٽر ڪاليجز تحت گرلز ڪاليجن جي شاگردياڻين جي ٽيمن وچ ۾ 17 کان 25 فيبروري تائين ٽيبل ٽينس، هاڪي، ڪرڪيٽ، ٽيگ آف وار، فيوٽسل ۽ ٻين راندين جا مقابلا ڪرايا ويندا.