سکر (بيورو رپورٽ)سنڌ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرس ڊپارٽمينٽ جي انتظام ھيٺ سکر اولمپڪ ايسوسئيشن جي سھڪار سان سکر ۾ راندين جو رنگا رنگ آغاز ٿيو، شاندار نموني افتتاح ڪيو ويو. افتتاحي تقريب جي موقعي تي ايونٽ ۾ حصو وٺندڙ 180 رانديگرن ۾ اسپورٽس شرٽس ورھايون ويون، ٻارڙن ۽ نوجوانن وچم مختلف راندين جا مقابلا منعقد ٿيا، جن ۾ ڪرڪيٽ، فٽ بال، پٿو گول گرم ۽ 100 ميٽر ۽ 200 ميٽر ڊوڙ جا دلچسپ مقابلا ايونٽ جي پھرين ڏينھن جو حصو رھيا، جن ۾ نوجوان رانديگرن جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو، ايونٽ ۾ 4 ڪرڪيٽ ٽيمون، 6 فٽبال ٽيمون ۽ 4 پٿو گول گرم ٽيمون حصو وٺي رھيون آھن. افتتاحي تقريب جي خاص مھمانن ۾ انجينيئر خالد بلوچ، ڊپٽي ڊائريڪٽر اسپيشل چلڊرن اسفنديار منگي، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر سکر محمد اخلاق ميمڻ ۽ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر مشتاق ڀٽو شامل ھئا. تقريب جي موقعي تي مقررن راندين جي اھميت تي روشني وڌي. ھنن چيو ته اھڙا ايونٽس ٽئلنٽ کي آڏو آڻڻ جو ذريعو بڻجڻ سان گڏوگڏ نوجوانن کي صحتمند سرگرمين ڏانھن راغب پڻ ڪن ٿا، ايونٽ منعقد ڪرڻ جو مقصد نوجوانن کي راندين جي ميدان ۾ موقعا فراهم ڪرڻ، سندن صلاحيتن ۾ نکار آڻڻ توڙي حوصلي افزائي ڪرڻ آھي. ايونٽ جو فائينل مقابلو 24 جون تي گنگھوٽي گرائونڊ روھڙي جي ھنڌ کيڏيو ويندو.