سکر ۾ سفارشي ڊي آءِ جي لڳائڻ جي ڪوشش ناڪام

0
420

آءِ جي سنڌ پاران ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد کوسو کي چارج سنڀالڻ کان روڪڻ واري مبينا ڪوشش خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي آهي

ايڊوڪيٽ محراب کوسو پاران داخل ڪرايل پٽيشن ۾ چيو ويو آهي ته آءِ جي سنڌ رفعت مختار ڊي آءِ جي عبدالحميد کوسو کي چارج نه وٺڻ جا زباني حڪم ڏنا

آءِ جي سنڌ سکر ۾ ناصر آفتاب کي ڊي آءِ جي لڳائڻ چاهي ٿو

ٽائيم نيوز پاران رابطو ڪرڻ تي ايڊوڪيٽ محراب کوسو چيو ته ٽائيم نيوز تان خبر نشر ٿيڻ بعد آءِ جي سنڌ پنهنجا زباني حڪم واپس ورتا آهن

 ڊي آءِ جي عبدالحميد کوسو سکر ۾ چارج سنڀالي ورتي آهي، ڪجهه سياسي ماڻهن جي سفارش تي آءِ جي سنڌ غير قانوني طور زباني حڪم جاري ڪيا