سکر (بيورو رپورٽ) سکر  ۾ رڪشا ڊرائيورن پوليس جي مبينا زيادتين ۽ ڀتو نه ڏيڻ تي تشدد خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي دلدار شيخ، احسان ميراڻي، توفيق ابڙو، محمد بچل ۽ ٻين الزام مڙهيندي چيو ته جيلاني روڊ تي مقرر پوليس اهلڪار ڀتو طلب ڪيو ۽ نه ڏيڻ تي گهٽ وڌ ڳالهائي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، هنن چيو ته پوليس جو آزار وڌي ويو آهي، روزگار ڪرڻ به نٿا ڏنو وڃي، هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان نوٽيس وٺي انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو.