سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ فروٽ ۽ کارڪن جي اگهن ۾ واڌ، غريب ۽ پورهيت طبقو افطار لاءِ فروٽ خريد ڪرڻ کان محروم، رمضان جو ڀلارو مهينو شروع ٿيندي ئي فروٽ جي اگهن ۾ 20 رپين کان 70 رپين تائين اضافو ٿي ويو، خبر موجب رمضان جو ڀلارو مهينو شروع ٿيندي ئي فروٽ جي اگهن ۾ 20 رپين کان 70 رپين تائين اضافو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري پورهيت ۽ غريب طبقو فروٽ خريد ڪرڻ کان قاصر آهي، جاري ڪيل ريٽ لسٽ مطابق هڪ ئي قسم جي صوف جا مختلف اگهه مختلف ڪوالٽي ڄاڻائي لکيا ويا آهن، صوف پهاڙي اول 200 ۽ صوف پهاڙي اُن کان سٺي ڪوالٽي 255 رپيا في ڪلو، اهڙي طرح صوف گولڊن 200 کان 245 رپيا، صوف ايراني 350 رپين کان 380 رپيا، صوف اڇا 130 رپين کان 190 رپيا، ڏاڙهون 240 رپين کان 380 رپيا، زيتون 60 رپين کان 115 رپيا، چيڪو 185 کان 205 رپيا، ڪنو 220 رپين کان 240 رپيا، موسمي 115 رپين کان 135 رپيا، اسٽابري 170 کان 250 رپيا، ٻير حاجي 160 رپين کان 180 رپيا، پيپتو 145 رپين کان 270 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن، شهري ناصر جعفري، عتيق هاشمي، دانش جوڻيجو مطابق رمضان ۾ صوف جي اگهه ۾ 70 رپين تائين، گدري، کارڪن، نارنگي توڙي ٻئي فروٽ ۾ 20 رپين کان 60 رپين تائين في ڪلو تي اضافو ڪيو ويو آهي، ساڳي ريت رمضان کان اڳ 100 کان 120 رپيا في درزن وڪرو ٿيندڙ ڪيلا هن وقت 175 رپين کان 195 رپين تائين وڪرو ڪيا پيا وڃن، هنن چيو ته رمضان ۾ واپاري من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏي ٿا.
ھنڱورجا ۾ رمضان شروع ٿيندي ئي مهانگائي چوٽ چڙهي وئي
ھنڱورجا(ن پ ا) رمضان المبارڪ جو ڀلارو مھينو شروع ٿيندي ئي ھنڱورجا شھر ۾ مھانگائي جو جن بوتل مان ٻاھر نڪري آيو آھي، عام واهپي جي شين جا اگھه آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳا آھن، جڏهن ته انتظاميا غائب آھي، ان ڏس ۾ ورتل ڄاڻ موجب دڪاندارن عام واھپي جي شين جي اگھن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري مزدور طبقو پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي، شهرين مطالبو ڪيو آهي ته وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
سکر ضلعي جي شهرن ۾ ڇاپا: هوٽل مالڪن کان ڏنڊ وصول
سکر (بيورو رپورٽ) ضلعي انتظاميا سکر جون احترامِ رمضان آرڊيننس کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪارروايون، سکر سٽي، نئون سکر، روھڙي، صالح پٽ ۽ پنو عاقل ۾ مجموعي طور تي 48 هوٽلن جو معائنو ڪيو ويو، معائني دوران 05 جون ورزيون رڪارڊ ڪيون ويون، جن تي ڪل 20 هزار 3 سئو رپيا ڏنڊ مڙهيو ويو، نئون سکر ۾ 10 هوٽلن جو معائنو ڪيو ويو، جن مان 02 خلاف ورزيون سامهون آيون، جن تي 6 هزار 8 سئو رپيا ڏنڊ مڙهيو ويو، روھڙي ۾ 21 هوٽلن جي چيڪنگ ڪئي وئي ۽ 03 خلاف ورزيون رڪارڊ ٿيون، جن تي 13 هزار 5 سئو رپيا ڏنڊ مڙهيو ويو.
اڏيري لال ۾ مهانگائي، بجلي ۽ گيس لوڊشيڊنگ به لاهه ڪڍي ڇڏيا
اڏيرو لال اسٽيشن(ن پ ا) اڏيرو لال اسٽيشن ۾ رمضان المبارک جي ڀلارو مھينو اچڻ ساڻ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، مٿان وري گيس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ ماڻهن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن، شھر ۾ صفائي جي کوٽ سبب پڻ عوام پريشان آهي. ان ڏس ۾ ان ڏس ۾ شهر اندر ۾ صوف 400 رپيا ڪلو نارنگي 250 رپيا ڪلو ڪيلا 200 رپيا درجن، ڀاڄيون، گوشت جنھن ۾ ڪڪڙ جو گوشت 800 رپيا ڪلو، مڇي 700 رپيا ڪلو، ٻاڪرو گوشت 2000 رپيا ڪلو وڪامي رهيو آهي، وڏو گوشت 1000 رپيا ڪلو ۽ کير 250سو رپيا ليٽر وڪرو ٿيڻ لڳو ، جنھن سبب مزدور جنھن جي ڏھاڙي 800 کان 1000 رپيا آھي ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو پريشان آهن. حڪومت طرفان مقرر ڪيل اگھ صرف ڪاغذن تائين محدود آهن، مارڪيٽن ۾ ڪو به ڪنٽرول نظر نٿو اچي. جڏھن ته گيس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ روزي دار سخت تڪليف ۾ رمضان دوران سحري ۽ افطاري جي وقت به گيس جي عدم دستيابي عوام لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي. ڪيترن ئي علائقن ۾ گيس پريشر تمام گھٽ آهي، جنهن سبب عورتون سحري تي کاڌو به تيار نٿيون ڪري سگهن. ان کان علاوه، بجلي جي لوڊشيڊنگ به عوام لاءِ وڏي آزمائش بڻجي چڪي آهي. روزو رکندڙ ماڻهن کي گرمي ۾ بنا بجلي جي وقت گذارڻو پوي ٿو، جيڪو سندن لاءِ ٻيڻون عذاب بڻجي ٿو. ٻئي طرف شھر ۾ صفائي نه هجڻ برابر رمضان المبارڪ جي باوجود اڏيرو لال اسٽيشن ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ صفائي جي صورتحال انتهائي خراب آهي. ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪچري جا ڍير لڳل آهن، جن مان بدبوءَ سبب روزي دارن کي تڪليف ٿئي ٿي. ٽائون ڪاميٽي اڏيرو لال اسٽيشن بي حسي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، ۽ صفائي جي بهتري لاءِ ڪي به قدم نٿا کنيا وڃن. شھرين شير خان گھانگھلو، فقير محمد حاجاڻو، امام بخش درس، صديق سھتو، گيانچند ڪولھي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ، ۽ ٻين اختيارين کان گھر ڪئي آهي ته مهانگائي ۽ منشيات تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، رمضان دوران گيس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.
مسو ڀرڳڙي ۾ شيون مهانگيون، ٻاڪرو گوشت اڍائي هزار رپيا ڪلو
مسوڀرڳڙي(ن پ ا) مسوڀرڳڙي ۾ رمضان شريف ايندي ھٿراڌو مهانگائي جو جِن بوتل مان نڪري آيو شهر ۾ آلو 40 مان 80 رپيا ڪلو بصر 50 مان وڌي 100 رپيا ڪلو، ٽماٽو 10 مان وڌي 50 رپيا ڪلو ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٿوم 600 مان وڌي800 رپيا ادرڪ 300 مان 500 ڪلو، ڀينڊي ۽ توري 200 مان 400 رپيا، ڪرصلو 80 مان وڌي 250 رپيا وڪامڻ لڳا آهن. ميون ۾ اسٽرابيري 150 مان 400 رپيا ڪلو، گدرو 20 رپين مان 100 رپيا، صوف 200 مان 400 رپيا في ڪلو، ڪيلا 100مان وڌي 200 رپيا رپيا في درجن کجور 600 مان وڌي 800 ۽ 1000 رپيا في ڪلو ٿي وئي. ڪڪڙ جو گوشت 600 رپيا في ڪلو مان وڌي 900 ٻاڪروگوشت 1800 مان وڌي 2500 رپيا وڏو گوشت 1000 مان وڌي 1200 رپيا في ڪلو مڇي 650 مان وڌي 800 رپيا ڪلو دھي 250 مان وڌي 300 رپيا في ڪلو /ڏسو صفحو 2 بقايا 01
سموسا 20 مان وڌي 40 رپيا چانھه جو ڪوپ 60 مان وڌي 80 رپيا في ڪپ ٿي ويو آهي. شهرين جو چوڻ هو ته رمضان شريف شروع ٿيندي ئي ماشاخورن ۽ منافعي خورن کي انتظاميا طرفان مڪمل ڇوٽ ڏنل نظر آئي ھر شي جا اگھه ٻيڻا ۽ ٽيڻا مقرر ھئا، سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کي گهرجي ته رمضان المبارڪ ۾ روز مرھه جي شين جي اگھن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ماشاخورن ۽ منافعي خورن خلاف سخت قدم کڻي شھرين کي رليف ڏئي معياري شيون فراھم ڪري رمضان بچت بازارون لڳايون وڃن.
سرڪاري اگهه گهٽ آهن، ڪنري ۾ ڪاسائين ٺيلها بند ڪري ڇڏيا
ڪنري(ن پ ا) “اگھه بهتر ناهن” ڪنري ۾ ٻاڪرو گوشت وڪرو ڪندڙ ڪاسائين جي ٻن ڏينھن کان ھڙتال، دڪان بند خبر موجب ڪنري ۾ سرڪاري طور ٻڪري جي مقرر ڪيل اگھه تي ڪاسائين پاران وڪرو ڪرڻ کان انڪار ڪندي دڪان بند ڪري ڇڏيا، انتظاميا پاران ٻاڪري گوشت جو اگھه 17 سئو رپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو آھي، جڏھن ته ڪاسائين پاران 18 سئو کان 2 هزار رپين ۾ وڪرو ڪيو پئي ويو، جنھن تي انتظاميا جي ڪارروائي بعد ڪاسائين احتجاجن دڪانون بند ڪري ڇڏيون، جنھن بعد ٻڪرو خريد ڪرڻ لاءِ ايندڙ ماڻھو دڪان بند ڏسي واپسي موٽڻ لڳا آھن، ڪاسائين اڪبر علي، عدنان ماني، محمد رياض ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته اسان 1800 جي ڊمانڊ ڪئي آھي، پر اي سي پاران 17 سئو ۾ وڪرو ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن، جيڪو اسان جي واري ۾ ناهي ۽ ان سان نقصان ٿئي ٿو، انڪري دڪان بند ڪيا آھن، ٻئي پاسي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار جو چوڻ آھي ته ڀلاري مھيني ۾ منافعي خوري ڪندڙن کي ڪنھن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، ڪاسائين پاران ڊمانڊ ڪيل اگھه مناسب ناهي ڀلي ھڙتال ڪن سرڪاري اگھه کان وڌيڪ وڪرو نه ڪرڻ ڏينداسين.
ڪنري ۾ رمضان آرڊيننس جي ڀڃڪڙِي ڪندڙ دڪانن ۽ هوٽلن تان ڏنڊ وصول ڪيو ويو
ڪنري(ن پ ا) ڪنري شھر ۾ رمضان آرڊيننس تي عملدرآمد نه ٿي سگھيو ۽ اڪثر هوٽلون ۽ کاڌي پيتي جي شين جا اسٽال ۽ دڪانون کُليل آھن، جڏھن ته منافعي خورن پاران عام واهپي جي شين جي اگھن ۾ هٿرادو واڌ ڪئي وئي آھي، جنھن تي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد خان ڀنگوار پوليس سان گڏ شھري ۾ ڪارروايون ڪيون، اي سي مختلف علائقن ۾ احترام رمضان آرڊيننس جي خلاف ورزي ڪندي کُليل ٽن هوٽلن کي بند ڪرائي ڏنڊ وڌو جڏھن ته اي سي پاران ڪريانه جي دڪانن، سپر اسٽور، فروٽ، سبزي ۽ گوشت جي دڪانن تي ڇاپا ھنيا جتي سرڪاري لسٽ نه هجڻ ۽ لسٽ تي عملدرآمد نه ڪندي وڌيڪ اگھ تي شيون وڪرو ڪندڙن تي پڻ هزارين رپيا وڌو ويو. اي سي محمد خان ڀنگوار چيو ته احترام رمضان آرڊيننس تي عمل ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آھي ڀلاري مھيني ۾ منافعي خوري ڪرڻ نه ڏينداسين.
خيرپور ۾ اي سي پاران مارڪيٽن جو دورو، وڌيڪ اگهه وٺندڙن کان ڏنڊ وصول
خيرپور(رپورٽر) اسسٽنٽ ڪمشنر ارسلان حيدر ڦلپوٽو، مختيارڪار شيراز ڦلپوٽو، انڪروچمنٽ انسپڪٽر طارق رند ۽ بيورو آف سپلاءِ جي ظهور حسين ٽانوري کي ساڻ ڪري ڇٽي ڇوڪ تي قائم ڪيل بچت بازار جو دورو ڪيو، جڏهن ته سبزي، فروٽ، مڇي، گوشت مارڪيٽ جو دورو ڪندي سرڪاري ريٽ لسٽون چيڪ ڪيون، ان موقعي تي سرڪاري ريٽ لسٽون نه هجڻ تي مختلف دڪاندارن، ريڙهي وارن ۽ سبزي وارن مٿان 5 هزار رپين کان وڌيڪ ڏنڊ هنيو ۽ موقعي تي ئي وصولي ڪئي.
|
|
|
|
|
سکر انتظاميا پاران سرڪاري اگهه تي کنڊ وڪرو ڪرڻ جي دعويٰ
سکر (بيورو رپورٽ) سکر ضلعي انتظاميا جي هدايتن تي کنڊ 130 رپيا في ڪلو وڪري لاءِ اسٽال لڳايا ويا، پڌرائي موجب سکر سٽي، روهڙي ۽ پنوعاقل جي مقرر ڪيل هنڌن تي ڪل 600 ڪلوگرام کنڊ وڪرو ڪئي وئي، سکر سٽي جي مقرر ڪيل هنڌ گهنٽا گهر ڀرسان 250 ڪلوگرام کنڊ سبسڊي واري اگھه تي وڪرو ڪئي وئي، اھڙي طرح روهڙي ۾ ٽانگا اسٽينڊ ڀرسان 200 ڪلو، پنوعاقل پراڻي نادرا آفيس ڀرسان 150 ڪلوگرام کنڊ پهرين ڏينهن وڪرو ڪئي وئي.