سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۾ دڪان اندر سلينڊر ڦاٽڻ سبب ڌماڪو، 2 ڄڻا فوت، نينگر سميت 7  زخمي، ان ڏس ۾ شهر جي  بس ٽرمينل ويجهو ڊينٽر پينٽر ڪالوني ۾ ايل پي جي گئس جي دڪان تي ويگن ۾ گئس ڀرڻ دوران ڌماڪو ٿي پيو، جنهن سبب باهه دڪان ۽ عمارت کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو،  اطلاع تي  رينجرس، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون فوري طور تي پهچي ويون، فائر برگيڊ گاڏين ذريعي باهه تي ضابطو آندو ويو، باهه لڳڻ، سلينڊرز جا پرزا لڳڻ سبب معصوم نينگر شهريار، جميل احمد، مور خان، نعيم احمد، لياقت علي، ياسر علي، ڪامران، شھريار، اظھار حسين زخمي ٿي پيا،  جن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته گمس  اسپتال ۾ زخمي جميل ۽ نعيم ۾ زخمن جا تاب نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو،هوڏانهن دڪاندارن مطابق قمر الدين نالي شخص جي ايل پي جي گيس جي دڪان ۾ سيلينڊر ۾ گيس ڀرڻ دوران ڌماڪو ٿيو، دڪان ۾ 3 ڄڻا موجود هئا، گيس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽڻ ۽ باهه لڳڻ سبب دڪان ٻاهران گذرندڙ هڪ واٽھڙو  به سڙي زخمي ٿيو ۽ دڪان مٿان گهر ۾ موجود 2 عورت سميت هڪ ٻارڙو به باهه لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. دڪان ۾ 50 کان وڌيڪ سلينڊر هئا، جيڪي به وقفي وقفي سان ڌماڪي سان ڦاٽندا رهيا.