سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ سنڌو درياءَ ڪناري بندر روڊ تي واٽر ورڪس ويجهو جهاڙين کي باهه لڳي وئي، تيز هوا سبب باهه تيزيءَ سان ڦهلجي واٽر ورڪس کي وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ واٽر ورڪس جي ڇت کي نقصان پهتو، فائر برگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو، باهه لڳڻ سبب واٽر ورڪس جي بجلي بند ڪري شهر ۾ واٽر سپلاءِ روڪي وئي، جيڪا هيوي موٽرز جي صفائي وارو عمل مڪمل ٿيڻ بعد ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ شروع ڪئي وئي.