سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اميدوارن طرفان فارم جمع ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، 548 جاري ٿيل نامزدگي فارمز مان 83 اميدوارن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا، قومي تڪ اين اي 200 سکر ون ۽ صوبائي تڪ پي اي 24 سکر ٿري ۽ پي ايس 25 سکر فور تي چونڊ وڙهڻ لاءِ آزاد اميداور طور فارم جمع ڪرايا آهن، اهو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي ته مبين جتوئي پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تان چونڊن ۾ اميدوار هوندو، ٻئي طرف ڪمشنر آفيس سکر ۾ رٽرننگ آفيسر وٽ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه ڪارڪنن جي جلوس ۾ پهچي اين اي 201 سکر ٽو تان چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا، جڏهن ته ناصر شاهه، اويس قادر شاهه، فرخ شاهه صوبائي سيٽن تي نامزدگي فارم جمع ڪرايا، جماعت اسلامي جي مولانا حزب الله جکرو اين اي 200 ۽ زبير حفيظ شيخ پي ايس 24 تي پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرايا، ان موقعي تي خورشيد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي دعا آهي ته ملڪ ۾ چونڊون 8 فيبروري تي ٿين ته جيئن پ پ عوام سان جيڪا ڪمٽمينٽ ڪئي اها پوري ڪئي وڃي، هن چيو ته اميدوارن جي اسڪروٽني کان پهريان پارٽي ٽڪيٽ جمع ٿي ويندي، اسان جو ڌيان اليڪشن ٿيڻ تي آهي، ايئن نه ٿيڻ گهرجي جو چيو وڃي ته سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪيو، هن چيو ته مسلم ليگ ن جا چار اهم ماڻهو نگران حڪومت ۾ آهن، ان ڪري اسان کي تحفظات آهن، ايئن نه ٿيڻ گهرجي جو هڪ پارٽي جيڪا چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي ته ان جا ماڻهو اهم عهدن تي فائز هجن، هن چيو ته سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي چڪر ۾ وقت ضايع ڪرڻ نٿا چاهيون، اسان جي ايڊجسٽمينٽ عوام سان آهي.