سکر (بيورو رپورٽ) سکر ميونسپل ڪارپوريشن پاران حددخلين خلاف آپريشن، شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري دڪانن کان ٻاهر رکيل سامان ضبط ڪيو ويو، سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي انڪروچمينٽ فورس اسسٽنٽ ڪمشنر سکر ۽ ٻين سان گڏ شهر جي مختلف علائقن ملٽري روڊ، محمد بن قاسم پارڪ، سکر پريس ڪلب روڊ، بندر روڊ ۽ ٻين هنڌن تي آپريشن ڪندي دڪانن اڳيان قائم حدخلين کي ڊاهي پٽ ڇڏيو، آپريشن دوران آفيسرن دوڪاندارن ۽ شهرين کي هدايت ته هو پاڻمرادو حددخليون ۽ روڊ تي رکيل سامان هٽائي ڇڏين، ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.