سکر (بيورو رپورٽ) وفاقي توڙي صوبائي حڪومت پاران ھارين کي رليف نه ڏيڻ خلاف جي يو آءِ سکر پاران منزل مسجد گاھ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريليءَ ۾ شريڪ ماڻهو مختلف علائقن کان ٿيندا سکر پريس ڪلب پهچڻ بعد ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. مظاھرين کي ھٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ جھنڊا کنيل ھئا. احتجاجي  ميڙاڪي کي خطاب ڪندي مولانا محمد صالح انڍڙ، حافظ غلام محمد ڪنڌر، قاري لياقت علي مغل، عبدالحميد مھر، رشيد شيخ، غلام الله بروهي ۽ ٻين چيو ته موجوده وفاقي حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آھي. ملڪ ۾ زراعت جو شعبو ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿو، ان جي باوجود حڪومت زرعي شعبي کي مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته ملڪ جي ھارين ۽ ننڍن آبادگارن لاءِ خصوصي پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي.