سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي پاران ڌارين جي آباد ڪاري، لاقانونيت، ڀنگ لاءِ اغوا، قتل، ڦرلٽ جي واقعن، ڊجيٽل مردم شماري خلاف ۽ ايوب گيٽ سکر کان احتجاجي مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي اڳواڻن رياض چانڊيو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، اسلم خيرپوري، سورهيه سنڌي، اسدﷲ سومرو ۽ ٻين چيو ته سيد جي پيروڪارن جي گڏيل اتحاد طرفان سنڌ جي وجود لاءِ ناسور بڻيل مسئلن تي احتجاجي مارچ ڪيو ويو آهي ڇو ته 40 ورهين کان هڪ سازش تحت ڌارين جي لوڌ کي تورخم ۽ چمن بارڊر کولي افغانين، بيهارين، بنگالين رستو ڏنو ويو آهي. غير ملڪين کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌ کي تباهه ڪيو ويو آهي، اسان سيد جا پيروڪار ڪنهن ٻولي سان نفرت نه ٿا ڪريون پر اسان جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويندو ته خاموش تماشائي نه بڻجنداسين. هنن چيو ته پاڪستان جي حڪمرانن پنهنجي مفادن خاطر هڪ پلاننگ، ۽ سازش تحت سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري ڌرتي جي وارثن سان ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، وسيلن جي ڦرلٽ ڪري اسان کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ٿو وڃي، افغانستان ۾ ڪو به غير ملڪي ناهي مستحڪم ملڪ بڻجڻ بعد پاڪستان جا حڪمران کين واپس ڇو نه ٿا موڪلين ان حوالي سپريم ڪورٽ ڪورٽ به حڪم ڏئي چڪي آهي ته 40 لک غيرقانوني کي وطن افغانين کي واپس موڪليو وڃي. هنن چيو ته سنڌ جا حڪمران ڪک پتي مان ارب پتي ٿي ويا آهن، هر کاتي ۾ ڪرپشن جي بازار گرم آهي، انهن جو احتساب ڪرڻ بجائي رستا ڏنا پيا وڃن. هنن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، قبيلائي دهشتگردي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي، سنڌ جا حڪمران ڪڏهن به نه چاهيندا ته اهي مسئلا حل ٿين. هن چيو ته 2023 ڊجيٽل آدمشماري ۾ فراڊ ڪيو ويو جعلي آدمشماري، فراڊ ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي. هنن چيو ته وزير داخلا پنجاب، صوبائي وزير بلوچستان ڊوميسائيل رکندڙن کي مقرر ڪيو ويوماهي ڇا هتي قابل ماڻهن جي کوٽ آهي. هنن چيو ته سينيئر صحافي جان محمد مهر کي بيدردي سان وچ شهر ۾ قتل ڪيو ويو، 35 ڏينهن گذري ويا آهن پر قاتل گرفتار ناهن ٿي سگهيا. حڪومت وقت ۽ پوليس ڏوهارين آڏو بي وس بڻيل آهي. پريا ڪماري، ساگر ڪمار سميت ڪيترائي مغوي ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن، ڌاڙيل سرعام رياست جي رٽ کي چئلينج ڪري رهيا آهن پر حڪومت انهن خلاف ڳالهين بجائي عملي طور تي ڪو جامع آپريشن ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جان محمد مهر جو قتل سنڌ جو قومي نقصان آهي ان جا قاتل ۽ افضل لنڊ جا قابل گرفتار ٿيڻ کپن. پريا ڪماري سميت ٻين مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.