سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر جي ڳجهن ادارن جي ضلعي انتظاميا سان گڏ ذخيرا اندوزيءَ جي اطلاع تي ڪارروائي، گودام ۾ ڇاپي دوران برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ آيل 5 هزار کان وڌيڪ راشن بيگ برآمد، بيگز ۾ کاڌ خوراڪ، سرديءَ کان بچڻ وارو سامان شامل، ان ڏس ۾ ڳجهن ادارن طرفان ضلعي انتظاميا ۽ پوليس سان گڏ ٽائون شپ ۾ واقع هڪ گودام تي ڇاپو هنيو، ذريعن مطابق برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ کاڌ خوراڪ ۽ سرديءَ کان بچڻ جي لاءِ آيل وڏي مقدار ۾ سامان ڪارروائي دوران گودام مان برآمد ڪيو ويو، کاڌ خوراڪ وارين شين جا 5 هزار کان وڌيڪ راشن بيگز، سردين کان بچڻ لاءِ ڪمبل سميت ٻيو سامان وافر مقدار ۾ موجود هجڻ تي ڇاپو هڻندڙ ٽيم اچرج ۾ پئجي وئي، پڇاڻو ڪرڻ تي انتظاميا کي ٻڌايو ويو ته ڄاڻايل سامان اين جي اوز جو آهي جنهن گودام ڪرائي تي وٺي رکيو آهي. ڄاڻايل امدادي سامان برسات ۽ ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ ورهائڻ جي لاءِ اين جي اوز حوالي ڪيو ويو هو. ضلعي انتظاميا طرفان ڄاڻايل گودام کي سيل ڪري اعليٰ ڪارروائي ۽ مليل امدادي سامان متعلق اختيارين کي آگاهه ڪيو آهي. رابطو ڪرڻ تي ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته راشن بيگز توڙي ٻئي سامان سان ڀريل گودام کي سيل ڪرڻ سان گڏ اختيارين کي آگاهي ڏني وئي آهي، جنهن اين جي او جو سامان ٻڌايو پئي ويو اُن جي ذميوارن کي پڇا ڳاڇا جي لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.