ڪولاب جيئل (ن پ ا) ڪولاب جيئل لڳ ٽنڊو مستي خان ٿاڻي جي حد ۾ بدامني جي باھ تي ضابطو نه اچي سگھيو ، نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ٽي ڦورو ھٿياربندن ٽنڊو مستي خان قومي شاھراھ تي دوائن جي سرل ڪمپني جي وين کي ھٿيارن جي زور تي روڪي وين ۾ سوار ڪمپني جي ملازمن صفدر منگي ، امير بخش ميمڻ ۽ ثناء اللہ کان روڪ رقم اٺ لک روپيه ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ، جڏھن ته اھڙو اطلاع ٽنڊو مستي خان ٿاڻي تي ڏنو ويو.