سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ٻاهران ڊيوٽي دوران پوليس اهلڪار عمران بوزدار گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، زخمي کي علاج لاءِ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب اهلڪار هاءِ ڪورٽ ۾ ڊيوٽي ڪندو آهي، ڊيوٽي دوران هن پاڻ کي گولي هنئي، پوليس ذريعن موجب اهلڪار سرڪاري هٿيار سان ڊيوٽيءَ دوران پاڻ مٿان فائر ڪري خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي آهي، پوليس اهلڪار هاءِ ڪورٽ جي چوديواريءَ تي اڏيل هڪ مورچي تي ڊيوٽي ڪندو آهي، جنهن گهريلو پريشانيءَ سبب پاڻ کي پيٽ ۾ گولي هڻي خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي.