سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۾ جميعت علماءِ اسلام جي سربراهي هيٺ ”سنڌ امن جرڳو“ ٿيو، جنهن ۾ مختلف برادرين جي سردارن ۽ چڱن مڙسن شرڪت ڪئي، پ پ سان تعلق رکندڙ ڪو به سردار امن جرڳي ۾ شريڪ نه ٿيو، خبر موجب سکر ۾ جي يو آءِ جي ميزباني هيٺ امن جرڳو ٿيو، جنهن ۾ اڳواڻن ڪچي ۾ بي رحماڻو آپريشن شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جرڳي ۾ 14 آگسٽ تي ڪشمور کان سي ايم هائوس ڪراچي تائين مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، امن جرڳي ۾ برادرين جي 24 سردارن ۽ چڱن مڙسن شرڪت ڪئي، 106 سردارن شرڪت نه ڪئي، امن جرڳي بعد پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا راشد محمود سومرو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته امن جرڳي ۾ سردار شرڪت نٿا ڪري سگهن ته امن لاءِ ڇا ڪندا ؟ جن سردارن شرڪت نه ڪئي، شايد اهي ڪمزور ۽ آزاد نه آهن، هن چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن اغوا انڊسٽري جي صورت اختيار ڪري وئي آهي، امن امان جي بحالي لاءِ 200 اربن جي بجيٽ جاري ڪئي وئي، ٻن ورهين کان آپريشن باوجود 50  کان 60 ڪلو ميٽر ڪچي جي ايراضي ۾ ڇو امن نه ٿي سگهيو آهي، هاڻي معصوم ٻار به محفوظ ناهن، هنن چيو ته ڳڙهي ياسين واسي 2 ٻار ڌاڙيل وٽ يرغمال آهن، هنن چيو ته فضيلا سرڪي ۽ پريا ڪماري وارا مسئلا حل ڇو نه ٿي رهيا آهن، 50-50 سالن کان هلندڙ قبيلائي تڪرار ڇو ختم نه ٿي رهيا آهن، ڌاڙيلن وٽ اينٽي  ايئر ڪرافٽ، راڪيٽ لانچرن سميت جديد هٿيار موجود آهن، هٿيار ڪيئن ڌاڙيلن وٽ پهچن ٿا، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڀنگ عيوض آزاد ٿيل مغوين جي وارثن کي سنڌ حڪومت معاوضو ڏئي، هنن چيو ته صدر، وزير اعظم، وزير اعليٰ، گورنر سنڌ، چيف آف آرمي اسٽاف، ڊي جي رينجرس ۽ ٻين سان ملاقات ڪري علائقي ۾ بدامنيءَ جي صورتحال متعلق آگاهه ڏني ويندي، هنن چيو ته آصف علي زرداري پنهنجي گهرواري، شهيد مرتضيءِ ڀٽو کي انصاف نه ڏياري سگهيو آهي جو عام ماڻهو کي انصاف ڏياريندو، صدر آصف علي زرداري کان امن جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي، مفتي محمود چيو هو ته جنهن قتل جا قاتل نه ملن سمجهو ان ۾ رياست ملوث آهن، شهيد جان محمد مهر جي قتل پٺيان به رياست جو هٿ آهي، سنڌ امن جرڳيءَ ۾ شرڪت ڪندڙ سردارن ڏوهارين کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪندي اُنهن خلاف اثرائتي ڪاروائيءَ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته سنڌ امن جرڳي ۾ معصوم پريا ڪماري ۽ فيضيلا سرڪيءَ جو حڪومت ۽ سنڌ پوليس پاران پتو نه لڳائڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو، ڊڪٽر ابراهيم خان جتوئي چيو ته مرتضيٰ جتوئي مٿان ٻڪري چوري جهڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ان جو هٿياربندن پاران پيڇو ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي، سنڌ امن جرڳي ۾ تيغو خان تيغاڻي، ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، طاهر امتياز ڦلپوٽو، سڪندر ڪاڪيپوٽو، ظفر حسين سانگي، مظفر بروهي، علي مردان گهنڃو، ناز علي ڀنگوار، ضياءَ الدين ميتلو، علي حسن ٽڳڙ، غوث بخش شر، مبين بلو، مير محمد کوسو، عزيز ظهير گههمرو، لال محمد پنهور، امير علي جتوئي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.