سکر (بيورو  رپورٽ) اسپيشل ٻارڙن جي تعليم ۽ بحالي واري کاتي جي استادن ۽ ننڍن ملازمن 35 ورهين کان ترقيون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، اِن موقعي تي آل سنڌ نان گزيٽيڊ ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن رئيس ابڙو، سليم کوسو، نويد راجپوت، پير جهان شاھ، خالد حسين پتافي، غلام رسول  مهر ۽ عبدالسميع سولنگي چيو  ته اسپيشل ايجوڪيشن ۽ بحالي واري سينٽرن جي ملازمن پاران پنهنجي جائز ۽ قانوني حقن لاءِ ڪيترن ئي سالن کان پرامن طريقي سان جدوجهد ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته هر ڀيري خاطرين باوجود اسان کي پروموشن کان محروم رکيو ويو آهي، سوين ملازم ترقين جي انتظار ۾ رٽائرڊ يا فوت ٿي چڪا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ملازمن جا مسلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.