سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۽ نوابشاهه ڊويزن ۾ تباهه حال روڊ رستا موت جو ڪارڻ بڻيل، 2024 ۾ صرف 10 شهرن اندر 253 روڊ حادثن ۾ 156 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا،  جڏهن ته 403 ڄڻا روڊ حادثن سبب زخمي ٿي پيا، حڪومتي ۽ انتظامي نااهليءَ سبب روڊ حادثن سبب فوت ٿي ويلن جي ڪا به مالڪي نه ٿي، روڊ رستا بدستور تباهه حالي جي ور چڙهيل هجڻ سبب عوام جي لاءِ راڪاس بڻيل آهن، سڄاڻ ڌرين پاران تباهه حال روڊن رستن جي مرمت توڙي تعمير لاءِ حڪومت کان سنجيده قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، تفصيل موجب سکر ۽ شهيد بينظير آباد (نوابشاهه) ڊويزن جي 10 شهرن پنوعاقل، خيرپور، راڻيپور، ڪنڊيارو، نوشهروفيروز، مورو، قاضي احمد، نوابشاهه، سانگهڙ ۾ انتظامي نااهلي، لاپرواهيءَ ۽ بي ڌيانيءَ سبب اڪثر روڊ رستا تباهه حالي جي ور چڙهيل آهن، جنهن جي نتيجي ۾ روڊ حادثا معمول بڻيل آهن، ڪٿي وري روڊ حادثن جو ڪارڻ ڊرائيورن جي لاپرواهي ۽ ڪوتاهي پڻ آهي، جنهن متعلق به جوڙيل قانون تي انتظاميا عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام آهي، ايڌي سکر زون پاران مٿي ڄاڻايل 10 شهرن ۾ پيش آيل روڊ حادثن جا ڇرڪائيندڙ انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، ايڌي سکر جي ريجنل انچارج گل مهر مطابق ڄاڻايل 10 شهرن ۾ مجموعي طور تي اسان وٽ رپورٽ ٿيل 253 روڊ حادثا ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ 156 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جن ۾ معصوم ٻار ۽ عورتون پڻ شامل آهن، جڏهن ته ڄاڻايل روڊ حادثن ۾ 403 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ ايڌي ايمبولنسز ذريعي مقامي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو، انگن اکرن موجب سکر  ۾ 112 روڊ حادثا ٿيا، جن ۾ 134 ڄڻا زخمي ۽ 56 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڄاڻايل 10 شهرن مان سڀ کان وڌيڪ فوتگين وارا واقعا پيش آيا آهن، اهڙي طرح پنوعاقل ۾ 12 روڊ حادثن ۾  19 ڄڻا فوت ۽ 34 ڄڻا زخمي، خيرپور ۾ 17 روڊ حادثن ۾ 25 فوت، 38 زخمي، راڻيپور ۾ 09 روڊ حادثن ۾  11 فوت ۽ 23 زخمي، ڪنڊيارو 21 روڊ حادثن ۾ 09 فوت ۽ 28 زخمي،  نوشهروفيروز ۾ 07 روڊ حادثن ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي، مورو 11 روڊ حادثن ۾ 08 فوت ۽ ، 20 زخمي، قاضي احمد 17 روڊ حادثن 13 فوت ۽ 73 زخمي، نوابشاهه ۾ 35 روڊ حادثن ۾  09 فوت ۽ 29 زخمي ۽ سانگهڙ 12 روڊ حادثن ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿيا، رپورٽ موجب ڄاڻايل روڊ حادثا اهي آهن جن ۾ ايڌي کي رپورٽ ملي ۽ هنن سروس فراهم ڪئي، ٻئي طرف سکر جي سڄاڻ ڌرين مذهبي اڳواڻن محبوب سهتو قادري، حاجي جاويد ميمڻ، عمران بنڌاڻي، شبير ميمڻ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته تباهه حال روڊن رستن جي بحالي نه ٿيڻ سبب حادثا پيش اچڻ معمول بڻيل آهي، نتيجي ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون، وفاقي توڙي سنڌ حڪومت ٽيڪس جي مد ۾ وڏي رقم وصول ڪري ٿي پر اِن باوجود روڊن رستن جي بحاليءَ لاءِ قدم نه کڻڻ افسوس جهڙي ڳالهه آهي، حڪومت کي فوري طور تي روڊن رستن جي بحاليءَ لاءِ تڪڙا ۽ جوڳا قدم کڻي عوام جي جانين کي محفوظ بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

سکر سميت 10 شهرن ۾ سال 2024ع ۾ 110 لاوارث لاش مليا

سکر: سال 2024ع ۾ سکر سميت 10 شهرن ۾ 110 لاوارث لاش هٿ آيا، ايڌي انتظاميا لاوارث ڄاڻائي لاشن کي قبرستانن ۾ دفنائي ڇڏيو، جن جي هن وقت تائين سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، حڪومت اختيارين به لاوارث ميتن جي سڃاڻپ لاءِ ڪو سنجيده قدم نه کنيو، ايڌي سکر جي ريجنل انچارج گل مهر موجب ڄاڻايل لاوارث لاش انهن کي پوليس جي معرفت ملندا آهن، يا ته اُهي سنڌو درياءَ، ڪئنالز مان لڙهندي نڪرندا آهن يا وري اُهي روڊن، رستن، گهٽين، محلن ۽ اسپتالن مان لاوارث حالت ۾ ملندا آهن، ايڌي انتظاميا غسل، ڪفن توڙي تدفين تي ايندڙ سمورو خرچ پاڻ برداشت ڪندي آهي، گل مهر انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته ڄاڻايل عرصي دوران سکر ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي 10 شهرن مان 110 ميت مليا آهن، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ سکر شهر مان 40 لاوارث لاش مليا آهن، جن جي شناخت نه ٿيڻ ڪري اُهي نئين ڳوٺ واري قبرستان ۾ دفنايا ويا، اهڙي طرح پنوعاقل 02، خيرپور 13، راڻيپور 03، ڪنڊيارو 09، نوشهروفيروز 10، مورو 03، قاضي احمد 04، نوابشاهه 22 ۽ سانگهڙ 03 لاوارث لاش مليا، جن کي لاوارث ڄاڻائي دفنايو ويو.

حادثن جي فوتين لاءِ اعلانيل معاوضي کان وارث محروم بڻيل

سکر: حادثن ۾ اجل جو شڪار ٿيندڙن جي لاءِ حڪومت پاران معاوضن جو اعلان ته ڪيو ويو آهي پر اُن طريقيڪار جي اڪثر  ماڻهن کي خبر ئي ناهي، تنهن ڪري حادثن جو شڪار ٿيندڙن کي ڪنهن به قسم جو ڪو معاوضو ئي ناهي ملندو، حڪومت جي نااهلي، لاپرواهيءَ ۽ ڪوتاهيءَ سبب اجل جو شڪار ٿيندڙن خاندانن کي معاوضو نٿو ڏنو وڃي.

2024ع ۾ سکر سميت 10 شهرن ۾ 80 ڄڻا گم ٿيا، 21 واپس موٽيا

سکر: ايڌي رپورٽ موجب سال 2024 ۾ سکر سميت 10 شهرن ۾ 80 ڄڻن جي گمشدگي رپورٽ ڏني وئي، جن مان 21 ڄڻن جي واپس پهچڻ متعلق ٻڌايو ويو، باقي گم ڄاڻايل ماڻهن جي ڳولا باوجود پتو ناهي پئجي سگهيو، سکر ۾ 37 ڄڻن جي گمشدگي بابت اطلاع مليو جن مان 12 ڄڻا واپس پهتا، اهڙي طرح پنوعاقل جي 6 ڄڻن مان ٻه ڄڻا واپس پهتا، خيرپور مان 03 ڄڻن جي گمشدگيءَ بابت اطلاع مليو پر انهن مان صرف هڪ ڄڻي جو پتو پئجي سگهيو، راڻيپور ۽ ڪنڊيارو مان ٻن ٻن ڄڻن جي گمشدگيءَ بابت اطلاع مليو پر اُنهن مان ڪنهن جو به پتو نه پيو، نوشهروفيروز مان ٻه ڄڻا گم ڄاڻايا ويا، جن مان هڪ واپس گهر پهتو، مورو مان هڪ، نوابشاهه مان 24 ڄڻن جي گمشدگيءَ بابت رپورٽ پهتي، نوابشاهه مان گم ڄاڻايلن مان صرف 5 ڄڻن جو پتو پئجي سگهيو، جڏهن ته سانگهڙ مان گم ٿيل 3 ڄڻن مان ڪنهن هڪ جو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو.