ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اڄ رات کان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب اولهندي هوائن جو سلسلو ملڪ جي اولهه وارن علائقن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، جنهن سبب 2 مارچ جي رات کان 3 مارچ جي صبح تائين قمبر، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات يا جهڙ ڦر جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب سومر کان ڪراچي ۾ تيز هوائون گُهلڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڏينهن جو گرمي پد 30 کان 32 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.