سکر(بيورو رپورٽ) سکر ايئرپورٽ روڊ تي واقع مشھور ھوٽل ۾ لاڙڪاڻي واسي نوجوان فھيم عباسيءَ جي پراسرار نموني فوت ٿيڻ بعد آباد ٿاڻي تي داخل قتل جي ايف آءِ آر ۾ گرفتار جوابدارن ڪامران مھر، محبوب ملڪ ۽ مزمل کي آباد پوليس عدالت ۾ پيش ڪري جاچ جي لاءِ جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، جنھن تي عدالت درخواست منظور ڪندي 5 ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي ٽنھي جوابدارن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي ۽ ايندڙ ٻڌڻيءَ تي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي، ذريعن جو چوڻ آھي ته قتل ڪيس ۾ گرفتار بااثر جوابدار ڪامران مھر کي ٿاڻي اندر سھولتون ڏنيون پيون وڃن، کيس ايئرڪنڊيشن ڪمري ۾ رھايو پيو وڃي. رابطو ڪرڻ تي آباد ٿاڻي جي ايس ايچ او ٻڌايو ته پوليس ٿاڻي ۾ جوابدار کي سھولتون ڏيڻ واري ڳالهه ۾ ڪا به صداقت ناھي، جوابدار کي لاڪپ ۾ رکيو ويو آھي.