سکر /پنوعاقل (نمائندن وٽان) سکر پوليس جو صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪچي ۾ آپريشن، جوابدارن پاران پوليس پارٽي جديد ھٿيارن سان فائرنگ، راڪيٽ لانچر فائر ڪيا ويا، پوليس پاران جوابدارن جا ٺڪاڻا تباهه ڪرڻ جي دعويٰ، ان ڏس ۾ سکر پوليس پاران رضا ڳوٺ ۽ کڏھڙي جي ڪچي ۾ صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ھلندڙ آپريشن دوران جوابدارن پاران پوليس پارٽي تي راڪيٽ لانچر فائر ڪيا ويا آھن، پوليس موجب ته ڪچي ۾ ھلندڙ آپريشن دوران پوليس پارٽي مٿان جوابدارن مٿان جديد ھٿيارن سان حملو ڪري راڪيٽ لانچر فائر ڪيا ويا آھن، ايس ايس پي سکر عرفان سمون دعويٰ ڪئي آهي بڪتربند گاڏين ذريعي پوليس جوابدارن جي ٺڪاڻن کي گھيري ۾ آندو جنھن دوران جوابدارن پوليس پارٽي مٿان حملو ڪري راڪيٽ لانچر فائر ڪيا ۽ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدار ٺڪاڻا ڇڏي فرار ٿي ويا آھن ، پوليس طرفان جوابدارن جي ٺڪاڻن کي باھ ڏئي ساڙڻ جي به دعوي ڪئي وئي آھي.