سکر (بيورو رپورٽ) پ پ اڳواڻ خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته سياستدانن جو ڪم صرف ووٽ وٺڻ ناهي پر شهرن کي خوبصورت بڻائڻ ۽ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ به آهي، سکر کي پئرس نه سهي پر سکر بڻائي ڏيکارينداسين، ايندڙ سال سکر شهر کي گلن جو شهر بڻايو ويندو، پارليامينٽيرن مون سان گڏ آهن، آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ گلن جي نمائش واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته زندگي رهي ته ايندڙ سال سکر کي خوبصورت بڻايو ويندو، ضلع جي ننڍن وڏن شهرن ۽ علائقن ۾ گل ئي گل نظر اچن گهرجن، هن چيو ته اسان پاپوليشن کي ڪنٽرول نٿا ڪري سگهون، چائنا جيان ڪنٽرول ڪنداسين، چائنا اڄ پاپوليشن سان گڏ اڳتي وڌي رهيو آهي، هن چيو ته دنيا ۾ ٽيڪنيڪل ماڻھن جي ضرورت آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاسپورٽ وڏن ماڻهن کان کڻي عام ماڻھن تائين پهچايو، جڏهن ملڪي آبادي 3 ڪروڙ هئي ته 3 لک ماڻهو ٻاهرين ملڪ ويا هئا.