سجاول/جهوڪ شريف/ميرپور بٺورو(نمائندن وٽان) سکر کان نڪتل جسقم جو پيادل لانگ مارچ جهوڪ شريف پهتو، وک وک تي آجيان تفصيل موجب سنڌو درياءَ مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ گرين پاڪستان جي نالي تي زمين جي نيلامي خلاف جسقم جو سکر کان نڪتل پيادل لانگ مارچ جهوڪ شريف پهتو، جتي ڪارڪنن، صحافين ۽ شهرين صوفي حضور بخش، شاهنواز جتوئي، علي اڪبر، غلام قادر جتوئي، يوسف جاني ۽ ٻين سندن گلاب جي گلن جي ورکا ڪري ۽ اجرڪون اوڍائي شاندار استقبال ڪيو، ان موقعي تي جسقم چئيرمين اسلم خيرپوري، سرمد ميراڻي، عثمان پنهور، ڪرن نظاماڻي ۽ ٻين کي اجرڪون اوڍايون ويون، جنهن کانپوءِ پيادل مارچ صوفي شاهه عنايت شهيد جي درگاهه تي پهتو، جتي سنڌ جي حقن جي جدوجهد جو وچن ڪيو ويو، ٻئي طرف پيادل مارچ جهوڪ شريف جي مين بس اسٽاپ تي پهتو ته جلسي جي شڪل اختيار ڪري ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو باشعور عوام ڪڏهن به سنڌو درياءَ تي ڪئنال قبول نه ڪندو، سنڌو درياءَ تي شرعي اخلاقي ۽ قانوني طور تي سنڌين جو حق آهي، اگر سنڌو تي وڌيڪ ڪئنال ٺاهي سنڌين جو پاڻي بند ڪيو ويو ته سنڌ جون لکين ايڪڙ زرخيز  زمينون بنجر ٿي وينديون، زراعت مڪمل طور تباهه ٿي ويندي، 23 فيبروري تي ڪراچي ۾ لکين سنڌي گڏ ٿي سنڌ دشمن منصوبا رد ڪري واپس وٺڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا.