سجاول(رپورٽر) جسقم پاران سکر کان شروع ڪيل “درياهه بچايو مارچ” سجاول پھتو، سجاول پھچڻ تي مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن جو شاندار استقبال ڪيو ويو، مرڪزي چيئرمين اسلم خيرپوري، اسماعيل ناز نوتڪاڻي، وحيد سنڌي، امير باغي، سرمد ميراڻي، جساف جي اڳواڻ اسد سنڌيار ۽ ناري تحريڪ جي ڪرن نظاماڻي ڪري رهيا آهن، سجاول ۾ پبلڪ پارڪ وٽ خطاب ڪندي اسلم خيرپوري چيو ته ھن لانگ مارچ جو مقصد سنڌو درياهه مان نڪرندڙ 6 ڪئنالن جي اڏاوت خلاف ۽ سنڌ کي خشڪ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ عوامي شعور بيدار ڪرڻ آهي، هن چيو ته 6 ڪئنال ڪڍيا ويا ته ڊائون اسٽريم ۾ هڪ ڦڙو به نه هوندو، جنهن ڪري سمنڊ بدين، ٺٽي ۽ سجاول کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندو، هن اهو به چيو ته سنڌ جا ماڻهو پاڻي جي واري تي به هڪٻئي جون سسيون لاهيندا آهن، هي درياهه جو معامرو آهي، ڪير به خاموش نه ويهندو، درياهه کي بچائڻ لاءِ فوري ۽ سنجيده قدم کڻڻا پوندا، جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب زراعت ۽ عوامي زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي، 6 ڪئنال تعمير ڪرڻ سنڌ جي ماڻهن جي معاشي قتل عام برابر هوندو، جيڪڏهن انهن ڪئنالن جي اڏاوت کي روڪيو نه ويو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، درياهن ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ گهٽتائي ۽ زرخيز زمينن جي خشڪ ٿيڻ تي اڳواڻن گھري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو پاڻي جي تحفظ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي، جسقم اڳواڻن عوام کي اپيل ڪئي ته هو هن تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ درياهه سنڌ جي بچاءَ لاءِ آواز اٿارين۔