سکر (بيورو رپورٽ) سکر ضلعي ڪائونسل انتظاميا ملازم يونين جي آفيس خالي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ ملازم يونين جي صدر عبدالمجيد جسڪاڻي الزام مڙهيندي دانهيو ته سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال اڏڻ خلاف ٻٻرلوءِ ۾ لڳل ڌرڻي ۾ 12 ئي ڏينهن ڪئمپ قائم ڪرڻ تان انتقامي ڪارروائي ڪندي يونين آفيس خالي ڪرائي پئي وڃي، هن چيو ته ضلعي ڪائونسل ۾ ورهين کان يونين آفيس آهي ڪارڻ معلوم ڪرڻ تي چيو پيو وڃي ته ضلعي چيئرمين ڪميل شاهه چيو آهي ته آفيس خالي ڪرائي وڃي، هن چيو ته ضلعي ڪائونسل ايمپلائيز ليبر يونين جي آفيس خالي ڪرائڻ انتقامي ڪارروائي آهي، انتقامي ڪاروائيون برداشت نه ڪيون وينديون، هن چيو ته جيڪڏهن انتظاميا پوئتي نه هٽي تي سومر ڏهاڙي يونين جي آفيس خالي ڪرائڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو، ٻئي طرف چيف آفيسر ضلع ڪائونسل سکر ظفر اقبال مغل رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته آفيس جو اندروني معاملو آهي، جنهن کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي، آفيس جي مرمت لاءِ اين آءِ ٽي ٿي وئي آهي، ان ڪري انهن کي آفيس عارضي طور خالي ڪرڻ جو چيو ويو آهي.