سکر (بيورو رپورٽ) روهڙيءَ ۾ پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪرين وارو معاملو، 15 عورتن سميت 120 مظاهرين خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل، 10 کان وڌيڪ گرفتار، پوليس تصديق نه ڪئي، تفصيل موجب سب انسپيڪٽر اعجاز جسڪاڻيءَ جي فرياد تي جهانگڙو ٿاڻي تي مظاهرين مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، ڪيس ۾ 15 عورت مظاهرين مان 4 سڃاتل عورتن ۽ 110 کان 120 مرد مظاهرين مان 113 سڃاتل مظاهرين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر موجب جوابدارن پاڻ ۾ هم صلاح ٿي لٺيون، سروٽا ۽ هٿيار کڻي روڊ بلاڪ ڪيو، پوليس خلاف نفرت انگيز نعريبازي ڪئي، پوليس جي جائز سرڪاري ڊيوٽي ۾ مظاهرين اٽڪاءٌ ڪيو، ٽائر ساڙي روڊ بند ڪيو ۽ ڀڄ ڊاهه ڪري سرڪاري گاڏين کي نقصان پهچايو، مظاهرين پٿراءٌ ڪري 8 پوليس آفيسرن ۽ جوانن انسپيڪٽر مبشر حسين، ڊي آءِ بي انچارج سعيد قاضي، پي سي گل بهار، سهراب علي، عامر علي، رياض، منصور احمد، عورت اهلڪار شازيه ميراڻي کي زخمي ڪيو، قومي شاهراهه اٽڪل 4 ڪلاڪن تائين بلاڪ رهيو، جنهن ڪري سوين گاڏيون بيهجي ويون، پوليس پاران مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پر هن وقت تائين پوليس ڪنهن هڪ جي به گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي، واضع رهي ته ٻه ڏينهن اڳ پوليس مقابلي ۾ جوابدار رضا زنڱيجو کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، مارجي ويل نوجوان جي وارثن لاش روهڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو هو، ايس ايس پي چيو هو ته رضا زنڱيجو ڏوهاري هو، جنھن مٿان 16 ايف آءِ آرز داخل آهن، بندر روڊ تان هڪ ڪروڙ ڦر واري ڪيس ۾ به ملوث هو.