ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سکر جي ڊي آءِ جي عبدالحميد کوسو کي چارج وٺڻ کان روڪڻ جي ڪوشش، هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل، کوسي نيٺ چارج سنڀالي ورتي، ان ڏس ۾ آءِ جي سنڌ پاران  ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد کوسو کي چارج سنڀالڻ کان روڪڻ واري مبينا ڪوشش خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي آهي. پٽيشن ۾ آءِ جي سنڌ، چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي . ايڊوڪيٽ محراب کوسو  داخل ڪرايل پٽيشن ۾ چيو  آهي ته آءِ جي سنڌ رفعت مختار ڊي آءِ جي عبدالحميد کوسو کي چارج نه وٺڻ جا زباني حڪم ڏنا. هو ناصر آفتاب کي سکر ۾ ڊي آءِ جي لڳائڻ چاهي ٿو. ٽائيم نيوز پاران رابطو ڪرڻ تي ايڊوڪيٽ محراب کوسو چيو ته  خبر نشر ٿيڻ بعد آءِ جي سنڌ پنهنجا زباني حڪم واپس ورتا آهن، جنهن بعد ڊي آءِ جي عبدالحميد کوسو سکر ۾ چارج سنڀالي ورتي آهي، هن چيو ته ڪجهه سياسي ماڻهن جي سفارش تي آءِ جي سنڌ غير قانوني طور زباني حڪم جاري ڪيا هئا.