اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ اندر ٿيل ڊجيٽل آدمشماري دوران ضلعي وار ظاهر ٿيل آبادي بعد تعلقي وار آبادي جا تفصيل به سامهون اچي ويا آھن، جنهن مطابق سکر ڊويزن ۾ شامل ضلعن مان سکر ضلعي جي تعلقي نيو سکر جي آبادي ۾ 9.11 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جنهن بعد آبادي وڌي 3 لک 49 هزار 400، پنو عاقل تعلي جي آبادي ۾ 7.91 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 4 لک 70 هزار 879، روهڙي تعلقي جي آبادي ۾ 6 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 3 لک 92 هزار 827، صالح پٽ تعلقي جي آبادي ۾ 8.82 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي هڪ لک 41 هزار 184 ٿي وئي آهي، جڏهن ته سکر سٽي تعلقي جي آبادي ۾ 4.5 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کان پوءِ سکر سٽي تعلقي جي آبادي 2 لک 31 هزار 459 مان گهٽ ٿي 2 لک 22 هزار 86 تائين پهتي آهي، گهوٽڪي ضلعي ۾ شامل تعلقن مان ڏهرڪي تعلقي جي آبادي ۾ 13.53 سيڪڙو اضافي بعد آبادي وڌي 3 لک 52 هزار 758، گهوٽڪي تعلقي جي آبادي ۾ 11.9 سيڪڙو اضافي بعد آبادي وڌي 5 لک 63 هزار 337، خان ڳڙهه تعلقي جي آبادي ۾ 14.41 سيڪڙو بعد آبادي وڌي هڪ لک 71 هزار 227، ميرپور ماٿيلو تعلقي جي آبادي ۾ 11.48 سيڪڙو واڌ بعد آبادي 3 لک 65 هزار 457، اوٻاڙو تعلقي جي آبادي ۾ 11.29 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي 3 لک 93 هزار 319 تي پهتي آهي، خيرپور ضلعي ۾ شامل تعلقن مان فيض گنج تعلقي جي آبادي ۾ 13.8 سيڪڙو واڌ بعد آبادي 2 لک 53 هزار 392، گمبٽ تعلقي جي آبادي ۾ 11.7 سيڪڙو اضافي بعد آبادي 2 لک 92 هزار 355، خيرپور تعلقي جي آبادي ۾ 13.84 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي وڌي 5 لک هڪ هزار 387، ڪنگري تعلقي جي آبادي ۾ 9.7 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي وڌي 3 لک 71 هزار 153رڪارڊ ٿي آهي. ٻئي پاسي ڪوٽڏيجي تعلقي جي آبادي ۾ 8.11 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي وڌي 3 لک 76 هزار 845، ٺري ميرواهه تعلقي جي آبادي ۾ 12.78 سيڪڙو واڌ کان پوءِ آبادي وڌي 3 لک 97 هزار 836، ناري تعلقي جي آبادي ۾ 16.19 سيڪڙو واڌ بعد آبادي وڌي هڪ لک 86 هزار 648، سوڀو ديرو تعلقي جي آبادي ۾ 9.32 سيڪڙو اضافي بعد آبادي 3 لک 823 تي پهچي وئي آهي.