سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سال 2024ع ۾ سکر ڊويزن جي خيرپور، گهوٽڪي ۽ سکر ضلعن 692 پوليس مقابلا ٿيا، پوليس مقابلن بعد 38 ڏوهارين کي مارڻ ۽ 231 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، پوليس جي انگن اکرن مطابق سال 2024 ۾ 692 مبينا مقابلا ٿيا، جنهن ۾ پوليس 38 ڏوهارين کي مبينا مقابلن بعد مارڻ ۽ 231 ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، سکر ڊويزن ۾ 300 کان وڌيڪ گينگز بسٽ ڪندي اُنهن جي ٺڪاڻن کي تباهه ۽ ڊاهي پٽ ڪيو ويو، 50 لک انعام يافته 64 سنگين ڪيسن ۾ گهربل خطرناڪ ڏوهاري سائين بخش عرف سائنو ناريجو مارجي ويو، 15 لک انعام يافته 12 ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري ذوالفقار عرف بٽو جوڻيجو پوليس مقابلي بعد گرفتار ٿيو، 989 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو، سکر ڊويزن ۾ مجموعي طور تي 4900 اشتهاري ۽ روپوش جوابدار گرفتار ٿيا. جنهن ۾ 1611 اشتهاري، 3262 روپوش شامل آهن، جڏهن ته سال 2024 ۾ ڌاڙيلن، ڏوهارين سان مقابلن دوران 10 پوليس آفيسر، جوان شهيد ۽ 12 پوليس جا آفيسر ۽ جوان زخمي ٿيا، پوليس موجب سکر ڊويزن ۾ 81 مغوين کي بازياب ۽ 178 شهرين کي ٽيڪنالاجي جي مدد سان اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو، انگن اکرن موجب سکر ڊويزن ۾ 1349 منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري 1523 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.