سکر (بيورو رپورٽ) ڪمشنر سکر پاران خريف 2025ع دوران سکر ڊويزن ۾ سارين جي پوکائي تي مڪمل پابندي لاڳو، سکر انتظاميا خريف 2025ع دوران سکر ڊويزن جي حدن ۾ سارين جي فصل جي پوکائي تي مڪمل طور تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آھي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اھڙي پابندي خيرپور جي ڊپٽي ڪمشنر، نارا ڪئنال جي ڊائريڪٽر ۽ ايس جي ايم شوگر ملز جي ريسرچ ڊائريڪٽر پاران ڪيل سفارشن تي لاڳو ڪئي وئي آهي. اھڙو حڪمنامو ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ جي قلم 144(6) تحت سنڌ هوم ڊپارٽمينٽ طرفان ڏنل  اختيارن کي استعمال ڪندي جاري ڪيو ويو آهي.