سکر(بيورو رپورٽ) سکر ڊويزن جي 152 پوليس اهلڪارن جا پروموشن رد ٿيڻ وارو معاملو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ سکر ڊويزن جي سب انسپيڪٽرز، هيڊ ڪانسٽيبلز جا پروموشن رد ٿيڻ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران وڪيل نور حسن ملڪ عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته آء جي سنڌ جي حڪم تي ڊي آءِ جي طرفان سکر ڊويزن ۾ ڊسٽرڪٽ پوليس، ايس آر پي، اسپيشل برانچ، ڪرائم برانچ جي ننڍن پوليس آفيسرن جا پروموشن رد ڪيا ويا هئا. جيتوڻيڪ ڊي آءِ جي طرفان آءِ جي سنڌ جي چوڻ تي سپريم ڪورٽ جي جنهن فيصلي جو حوالو ڏئي پروموشن رد ڪيا آهن اهي اهلڪارن تي لاڳو نه پيو ٿئي. وڪيل نورحسن ملڪ مطابق عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيبروري 2023 ۾ سکر ڊويزن جي پوليس جي ننڍن آفيسرن جا پروموشن رد ٿيڻ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.