سکر (بيورو رپورٽ) سکر ڀرسان زميني تڪرار تان جهيڙو، ڌرين جي هڪٻئي تي فائرنگ، پيرسن قتل، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب تماچاڻي ٿاڻي جي حد ڊيها ڀرسان لکڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب پيرسن غلام حسين لکڻ قتل ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش سول اسپتال سکر آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ايس ايچ او تماچاڻي علي بخش شر موجب ٻنهي ڌرين ۾ پراڻو زميني تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان ڪالهه جهيڙو ٿي پيو، ٻنهي ڌرين فائرنگ ڪئي جنهن ۾ پيرسن قتل ٿي ويو آهي، واقعي بعد ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، جڏهن ته پوليس جهيڙيندڙ ڌرين جي ڳوٺ ۾ پڪٽ قائم ڪري ورتي آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.