سکر (بيورو رپورٽ) سکر ڀرسان هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان ناري قتل، مڙھ اسپتال منتقل، ڪيس داخل نه ٿيو، ٻڌايو پيو وڃي ته بشير آباد واري علائقي ۾ نامعلوم ھٿياربندن عبدالستار مستوئي جي گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري سندس نوجوان 26 ورھين جي نياڻي ڪلثوم مستوئي کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس مطابق قتل جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد حقيقتون سامهون آنديون وينديون، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين ناري جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.