سکر (بيورو رپورٽ) سکر ڀرسان لکڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ گهر ڌڻي قتل، خبر موجب تماچاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڇٽل لکڻ ۾ هٿياربندن پراڻي دشمني تان گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ گهر ڌڻي عبدالستار لکڻ قتل ٿي ويو آهي، مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس مطابق لکڻ برادري جي ٻن ڌرين شاهد لکڻ ۽ خادم لکڻ وچ ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان واقعي پيش آيو، پوليس موجب مقتول جي ڌر ٻڌايو آهي ته خادم لکڻ واري ڌر گهر تي حملو ڪري عبدالستار لکڻ کي قتل ڪيو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.