سکر: نگران وڏو وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سي سيڪشن پوليس اسٽيشن جو اوچتو دورو ڪيو، ايس ايس پي سکر عرفان سمون صورتحال متعلق ڄاڻ ڏني. وڏي وزير انسپيڪشن رجسٽر جو معائنو ڪيو، رجسٽر ۾ انسپيڪشن جو ڪو به رڪارڊ موجود نه هو، نگران وڏي وزير ڪيسن جي پراپرٽي گاڏين، مال خاني ۽ ٿاڻي جي عمارت جو جائزو ورتو، مال خاني ۾ اڍنگي حالت ۾ هٿيارن جي پيل هئڻ، ناڪارا موبائيل گاڏين جي سنڀال نه ڪرڻ تي پوليس آفيسرن کي ڇنڊ پٽي، کين پراپرٽي سنڀالڻ ۽ پوليس اسٽيشن ۾ شڪايت کڻي ايندڙن جو خيال رکي ڏوهن جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ تي زور ڀريو.