سکر (بيورو رپورٽ) سکر  ۾ پاڪستان لٽريچر فيسٽيول دوران بدانتظامي، آءِ بي اي يونيورسٽي جي ٽيچرز ايسوسيئيشن پاران پوليس مٿان فيڪلٽي ميمبر تي تشدد جا الزام هنيا ويا آهن، جڏهن ته 26 فيبروري تي پي ايل ايف وارو ڏينهن يونيورسٽيءَ جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن قرار ڏنو ويو، آءِ بي اي يونيوسٽي جي استاد تنظيم پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته پي ايل ايف دوران پوليس فيڪلٽي ميمبرز سان بدسلوڪي ڪئي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج جو چتاءُ ڏنو ويو، ٽيچرز ائسوسيئيشن چيو ته يونيورسٽيءَ ۾ موسيقي جا پروگرام ڪري تعليمي عمل کي نقصان نه پهچايو وڃي، اهڙا پروگرام يونيورسٽي جي اڱڻ کان ٻاهر ڪيا وڃن، يونيورسٽي جي بُنيادي مقصد تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، اِن قسم جا پروگرام يونيورسٽيءَ جي احاطي کان ٻاهر ڪيا وڃن، جيڪڏهن ڄاڻايل مطالبا نه مڃيا ويا ته مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جو حق رکون ٿا. واضع رهي ته پاڪستان لٽريچر فيسٽيول ۾ بدنظميءَ سبب پوليس پاران عوام تي لٺبازي ڪئي وئي هئي.