سکر (بيورو رپورٽ) سکر واسي پيرسن طرفان سنڌ حڪومت خلاف داخل ڪرايل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت چيف سيڪريٽري کي روبرو پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي 25 مارچ تي طلب ڪري ورتو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ 85 ورهين جي پيرسن الاهي بخش انصاري جي داخل ڪرايل توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي. جسٽس محمد سليم جيسر ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي مشتمل آئيني بئنچ آڏو درخواستگذار جي وڪيل فدا قريشي دليل ڏيندي چيو ته پٽيشنر ساسو مان 11 آگسٽ 2001ع دوران رٽائرڊ ٿيو آهي پر لاڳاپيل اختيارين کيس سال 1994ع ۾ ٽرمينيٽ ڪرڻ جو سبب ڄاڻائي رٽائرمينٽ جي رقم سميت ٻين مراعتن ۽ پينشن کان محروم رکيو آهي، جڏهن ته عدالت 15 جنوري 2025ع تائين پٽيشنر کي رٽائرمينٽ سميت ٻيون مراعتون ڏيڻ بابت لاڳاپيل اختيارين کي حڪم ڏنو هو، جنهن تي عمل نه ڪري عدالت جي توهين ڪئي وئي آهي، جنهن بعد عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کي روبرو پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 25 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.