سکر (بيورو رپورٽ) سکر آئرن مارڪيٽ ۾ چوري جي الزام هيٺ پوليس ٽن نينگرن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، سائيٽ ايريا پوليس گرفتار ٽن نينگرن کي عدالت ۾ پيش ڪري ٽن ڏينهن جو رمانڊ به حاصل ڪري ورتو، سائيٽ ايريا پوليس محمد زاهد ميمڻ جي فرياد تي ٽن نينگرن ۽ ٽن نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو، نينگر رابيل، امجد ۽ سارنگ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو، نينگرن جي لاڪپ ۾ روئڻ واري وڊيو ۽ تصويرون ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتيون، ذريعن موجب چوري جي الزام هيٺ گرفتار نينگرن جي عمر ننڍي آهي پر ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ ڏيکاري وئي آهي، ايس ايچ او موجب دوڪاندار چوري جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي، سي سي ٽي وي فوٽيج ان وٽ آهن، نينگرن اعتراف ڪيو آهي ته وڏي عمر جا ماڻهو انهن کي استعمال ڪري چوري ڪرائيندا آهن.