سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس مٿان کير وڪرو ڪندڙ پورهيت کي کنڀي گم ڪرڻ جو الزام، نوجوان جي وارثن جو احتجاج، مبينا مقابلي ۾ مارڻ جو خدشو ظاھر. اِن ڏس ۾ سکر جي ماڪا ڳوٺ ڀرسان المدينه ڪالوني جي رھواسي پورھيت ڀاڳيل چاچڙ، مسمات سڪينه چاچڙ ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام مڙھيو ته 6 ڏينهن اڳ پٽ امداد علي چاچڙ ڇوهارا منڊيءَ مان کير جا پئسا وٺڻ ويو هو ته سول ڪپڙن ۾ اي ايس آءِ عبدالجبار مهر کيس کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. گھڻي ڳولا باوجود پوليس ڪجھه ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي. هنن جو چوڻ هو ته امداد علي چاچڙ مٿان ڪو به ڪيس داخل ناهي. هنن خدشو ظاهر ڪيو ته پورهيت مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس جڙتو مقابلي ۾ ماريو نه وڃي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽  ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته گم ڪيل پورهيت کي ظاهر ڪيو وڃي.