سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس پراپرٽي وٺي ڏيڻ بهاني شهرين سان مبينا ڪروڙين روپين جي ٺڳي ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪري ورتو، آباد پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران شهرين سان پراپرٽي جي مد ۾ ڪروڙين روپين جي ٺڳي ڪندڙ فيصل کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار شخص شهرين کي پلاٽ وٺي ڏيڻ بهاني جعلي ڪاغذن وارا پلاٽ ڏنا آهن، پوليس موجب شهري هيبت پٺاڻ کي 25 لک روپين جي ڪوڙي چيڪ ۾ فيصل کي گرفتار ڪري نئون پنڊ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شهري هيبت پٺاڻ جو چوڻ آهي ته جوابدار فيصل عرف شمع پراپرٽي وٺي ڏيڻ بهاني ٺڳيو آهي.