سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس مبينا مقابلي ۾ ٻن جوابدارن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد جاگير موڙ وٽ هٿياربندن سان مقابلو ٿيو، ناڪا بندي دوران موٽر سائيڪل سوار جوابدارن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ته هنن فائرنگ ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻه جوابدار مارجي ويا، مارجي ويلن جي قبضي مان ٻه پسٽل، هڪ موٽر سائيڪل ۽ پئسن سان ڀريل ٿيلهو هٿ آيو آهي، پوليس مطابق مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ عبدالخالق سولنگي ۽ مختيار سولنگي طور ٿي آهي، جيڪي هڪ هفتو اڳ بندر روڊ تي هٿيارن جي زور تي موبائل ڪمپني جي ملازم کي يرغمال بڻائي 11 لک 50 هزار رپيا روڪ ڦر ڪرڻ ۾ ملوث هئا، ٻنهي جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي.