سکر (بيورو رپورٽ) ايس ايس پي سکر جي هدايت تي ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ سکر اجرڪ مارچ منعقد ڪيو ويو، لب مهراڻ کان شروع ٿيل مارچ مختلف علائقن کان ٿيندو ورڪشاپ روڊ، بندر روڊ، پوليس لائين، ريس ڪورس روڊ، اسٽيشن روڊ، ايوب گيٽ، سکر ڪلب کان ٿيندو ايس ايس پي آفيس سکر وٽ ختم ٿيو، فليگ مارچ  ۾ ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر، ڊي آءِ بي انچارج ۽ ٻين پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن شرڪت ڪئي، مارچ  ۾ موجود  پوليس موبائيلن کي سنڌي اجرڪن ۽ پاڪستان جي جهنڊن سان سينگاريو ويو هو. امجد شيخ چيو ته امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ پوليس کي الرٽ رکڻ لاءِ مختلف مکيه چوڪن تي نفري وڌائي وئي آهي.